"Love is a ........…...! 😭"
زندگي
الائي ڇو تون ياد اچين ٿو وساريان تڏهن بـ نٿو وسرين اھي ٽھڪ کل ڀوڳ مزاقڙا ياد اچي ويندا آهن ذھن تي ۽ انهيَ خيال ۾ مان ڏينهن رات مبتلا ٿي ويندو آهيان جڏهن تنهنجا چيل الفاظ منهنجي دل جي مٿان اچي گذرندا آهن تڏهن مان پنهنجو پاڻ ءي ناهيان رھندو !!
ھان پرين اڄ مان تنهنجي احساسن کي منهن ڏئي اڪيلي جيئڻ شروع ڪيو آهي پنهنجا جڏهن پري ٿي ويندا آهن تـ انسان گري ميڻ ٿي ويندو آهي اھي ڏک ۽ سور برداشت ناهن ٿيندا ۽ اڪيلي روئندو آهي جيسين حيات آهي تيستائين وسري ناھن سگھندا !!
تنهنجا احساس ۽ تنهنجو سنڀالڻ منهنجي دل جي مٿان سور ٿي ويا آهن !!
چوندي ھئين چريا ڪڏهن مايوس ۽ پريشان نـ ٿيندو ڪر مان توسان گڏ آهيان اھو چوڻ سان مان ھڪ پنهنجو پاڻ دل کي ڏڍ ڏئي ۽ تنهنجو ساٿ منهنجي لاء نئون جنم ٿي ويندو ھو ۽ ھزاري خوشيو منهنجي چھري مٿان سڄايل ھونديون ھيون!! اڄ بـ اھي ويران راتڙيون ۽ ويران محفلون ڏسي اکڙين ۾ پاڻي اچي ويندو آهي ۽ ڳل بـ لڙڪن سان پسي ويندا آهن وقت جون مايوسيون ۽ اندر جا زخم وڌي ڄام ٿي ويا آهن فقط اڄ تون مونسان ھجين ھا تـ منهنجون سڀ تڪليف شايد توکان برداشت نـ ٿين توکي مناسب نـ ھيو جو منهنجي دل جون حسرتون ويران ۽اڌوريون ڇڏي ھليو وئين!!
ھي انسانيت شعور ۽ عزت سڀ ڪجهه تنهنجي ڪري آهن تون نـ ھجين ھا تـ مان جاھل اڻ پڙھ انسان ھجان ھا جڏهن سڀ خوشيون تنهنجي ڪري حاصل ٿيون ۽ تو مون کان ھميشـ لاء موڪلاڻي ڪئي ھاڻي مان ڪجهه ءي ناھيان رھيو ھي روشيون تنهنجي ڪري اڄ ھي بي مثال اڌوريون آهن !!
اھا بـ ڪي پل ھئا جيڪي چوندي ھئين چريا اٿي نماز پڙھ تحجد ھر عبادت ڪندو ڪر انهيَ ۾ ڪي راز ۾ رکيل آهن پر انهيَ راز جو ذڪر اڄ ڏينهن تائين تو مون کي ناھي ٻڌايو !!
اڃان بـ مان ٽٽل ٽھڪ تنهنجي نان سڄاءي پيو وقت گذاريان!!
بس پرين تو پنهنجي الفاظن جي منهنجي مٿان وار ڪئي ۽ منهنجا نيڻ الا رھجي ويا پر ڪنهن سان سور سلي نـ سگھيس ۽ زخم تـ وڌندا ءي رھيا ڳوڙهن ساڻ اکڙيون اڄ بـ آليون آهن مان پنهنجي دل جا سور ڪنهن کي ٻڌايان مون کان تو ھميشـ موڪلاڻي ڪئي!!
محبوب سائين ٿورو ترسين ھا جيسين ساھ آهي تيسين گڏ ھجين ھا ھي اڪيلي راتيون ڪيئن گذرنديون مون مسڪين جون ھاڻي ڀٽڪيل روح تنهنجي ڳولا جي ڪري ھر در ڦرندو ٿو وتي پر تنهنجي پار جو ڪابـ ڏس پتو ناهي مليو الائي ڪھڙي پار ھليو وءين
Agar pasad aae to like and comment zaroor kareen..
Comments
Post a Comment